سخت چهري وارو ماڻهو

سخت چهري وارو ماڻهو

سخت چهري وارو ماڻهو

سخت چهري وارو ماڻهو (ڪتاب): هند سنڌ جي ٽرينڊ سينٽر ڪهاڻيڪار وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻين جو هي ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾ سنڌو اشاعت گھر، لاڙڪاڻي طرفان ڇپيو آهي. ڪتاب ۾ طارق اشرف مهاڳ ’ڪجھه ايشور چندر بابت‘ ۾ لکيو آهي ته: ”ايشور چندر جو شمار موجوده وقت جي سنڌيءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. ايشور چندر جا سنڌيءَ ۾ 11 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ٽي ڪتاب ’ٿڌا چپ‘، ’اندر جو ڄامڙو‘ ۽ نه مرڻ جو دک سنڌ ۾به ڇپيا آهن . . . هيٺئين وچولي ڪلاس جي ترجماني، جنهن چڀندڙ لهجي ۽ انداز سان ايشور چندر ڪئي آهي، شايد ئي سنڌيءَ جي ٻئي ڪهاڻيڪار ڪئي آهي. ايشور چندر جون ڪهاڻيون پڙهندي، هيٺئين وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ کي ائين محسوس ٿيندو ته اها سندن ئي گھر جي ڪهاڻي آهي يا سندن آس پاس اهڙا واقعا ٿيندا آهن.“ هن ڪتاب ۾ ايشور چندر جون ست ڪهـاڻيـون: (1) ’شڪست کاڌل ترشنڪو‘، (2) ’ان هوندي به‘، (3)’جھوريءَ جھوري جند‘، (4) ’ڪلهن تي سمهيل مستقبل‘، (5)’سفر‘، (6)’سخت چهري وارو ماڻهو‘ ۽ (7)’وقت جي ان وٿيءَ بعد‘ شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ملهه 30 روپيا آهي.


لفظ سخت چهري وارو ماڻهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو